ترڪي ٽوپي

ترڪي ٽوپي

ترڪي ٽوپي

تُرڪِي ٽوپي: ٽوپيءَ جو هيءُ قسم، دراصل يونان کان ترڪن جي ملڪ ۾ پهتو، جيڪو يونان جي ثقافت جو حصو هو. بعد ۾ اها ترڪي ٽوپي سڏجڻ لڳي. جڏهن اها ٽوپي ترڪيءَ ۾ عام ٿي ته شرفاء توڙي حڪمرانن لاءِ ترڪي ٽوپي پائڻ ضروري ٿي پئي، جڏهن مصر به ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جو حصو ليکجڻ ۾ آيو هو، تڏهن مصر ۾ به حاڪمن ۽ شرفاء لاءِ ترڪي ٽوپي لازمي قرار ڏني وئي هئي. جڏهن هندستان جي مسلمانن عثمانيه سلطنت جي فرمانروا مصطفيٰ ڪمال ۽ سندس پارٽيءَ کي بچائڻ لاءِ ’خلافت تحريڪ‘ شروع ڪئي ته ترڪن جي لباس سان گڏ ترڪي ٽوپي پائڻ جو رواج وڌيو. سلطنت عثمانيه جي خلافت کي بچائڻ ۾ انگريز ۽ يونانين به مسلمانن جا مددگار هئا. جڏهن مصطفيٰ ڪمال پاشا سلطنت عثمانيه جو خاتمو آندو ۽ سڄي ترڪيءَ مان غير ترڪن (انگريزن، يوناني ۽ روسين وغيره) کي شڪست ڏئي، هڪالي ڪڍي ڇڏيو، تڏهن ترڪي ٽوپيءَ کي به هن پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان کان پوءِ ترڪي ٽوپيءَ جو رواج فقط مصر، هندستان، سنڌ، يونان ۽ تيونس ۾ رهيو. هندستان جي مسلمانن به آهستي آهستي ترڪي ٽوپيءَ کي ترڪ ڪري، ان جي جاءِ تي ’جناح ڪئپ‘ پائڻ شروع ڪئي. مسلمانن جي يڪجهتيءَ جو سنڌ ۾ مظاهرو ڪرڻ لاءِ ترڪي ٽوپي استعمال ٿيندي هئي، جيڪا ٽن رنگن ۾ هوندي هئي؛ ناسي مائل هلڪي ڪاري، ناسي ۽ ڳاڙهي رنگ جي. هنن ٽوپين جا ٻه قسم هوندا هئا: هڪ ٽاٽ واري، ٻي بنا ٽاٽ جي. ”شير گولو مارڪ“ ٽوپي مضبوط ۽ سٺي ٽوپي ليکي ويندي هئي. سنڌ ۾ رئيس غلام محمد خان مهر ۽ رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي آخر تائين ترڪي ٽوپي پائيندا هئا. پاڪستان جو مشهور سياستدان، نوابزادو نصرالله خان پڻ ترڪي ٽوپي پائيندو هو ۽ ’ترڪي ٽوپي‘ سندس سڃاڻپ رهي .


لفظ ترڪي ٽوپيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو